ڪمپيوٽر بجلي تي هلنڌڙ هڪ مشين آهي جنهن ۾ ڊيٽا کي محفوظ رکڻ جي صلاحيت هوندي آهي.
ڪمپيوٽر جي معني Words Means of Computer
C Compute حساب ڪتاب
O Operate هلائڻ
M Method طريقو
P Process عمل ڪرڻ
U Use استعمال
T Technique
E Error غلطي
R Result نتيجو
ڪمپيوٽر جا بنيادي جزا ڪهڙا آهن Basic Component of Computer
ڪمپيوٽر جا بنيادي جزا 3 آهن
1. هارڊ وئير
2. سافٽ وئير
3. لائيو وئير
هارڊ وئير Hardware
ڪمپيوٽر جا اهي حصا جنهن کي اسين چهي (ٽچ) ڪري سگهون ان کي هارڊ وئير چيو ويندو آهي يعني ڪمپيوٽر جا حصا ڪي بورڊ ، مانيٽر ، سي پي يو ، مائوس هارڊ وئير جا مثال آهن.
سافٽ وئير Software
ڪمپيوٽر جا اهي حصا جنهن کي اسين چهي (ٽچ) نه ڪري سگهون ان کي سافٽ وئير چيو ويندو آهي يعني ڪمپيوٽر جا پروگرام ونڊوز ، مائڪروسافٽ آفيس ، سافٽ وئير جا مثال آهن.
لائيو وئير Live ware
ڪمپيوٽر کي استعمال ڪرڻ واري کي لائيو وئير چئبو آهي .
ڪمپيوٽر جون نسلون Generation of Computer
ڪمپيوٽر جون پنج نسلون آهن
1. پهريون نسل 1940 کان 1956 تائين
2. ٻيو نسل 1956 کان 1963 تائين
3. ٽيون نسل 4 196 کان 1971 تائين
4. ڇوٿون نسل 1971 کان 1980 تائين
5. پنجون نسل 1980 کان هيستائين هلي رهي آهي.
ڪمپيوٽر جا حصا Parts of Computer
ڪمپيوٽر جا هيٺيان حصا آهن.
Central Process Unit 1. سي پي يو
مانيٽر 2.
. ڪي بورڊ3
4. مائوس
5. پرنٽر
6. سپيڪر
7. سڪينر
8. جوائي سٽڪ
ڪمپيوٽر جا اهم حصا آهن جنھن جي مدد سان اسين ڪمپيوٽر ۾ ڪم
ڪر ي سگهون ٿا.
What is Input Devices ان پٽ ڊيوائسز ڇا آهن؟
ان پٽ ڊيوائس جي مدد سان اسين ڪمپيوٽرکي حڪم ڏئي سگهون ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڊيٽا کي داخل ڪري سگهون ٿا.
1. ڪي بورڊ
2. مائوس
3. سي پي يو
4. سڪينر
5. مائيڪ
6. يو ايس بي
ان پٽ ڊيوائسسز جا مثال آهن.
What is Out Put Devices ? آئوٽ پٽ ڊيوائسسز ڇا آهن؟
ڊيٽا کي ظاهر ڪرڻ واري ڊيوائس کي آئوٽ پٽ ڊيوائس چئبو آهي ان جي مدد سان ڪمپيوٽر ۾ ڊيٽا کي ظاهر ڪري سگهون ٿامثال هيٺيان آهن
1. مانيٽر
2. پرنٽر
3. سپيڪر